ديو ساک

ديو ساک (راڳڻي): هي ڪافي ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي، جنهن ۾ ڌيوت ۽ گنڌار دربل آهن. هن راڳڻيءَ ۾ ميگهه ۽ ڪانڙي جي ملاوت آهي. ڪي پنڊت ڌيوت جو سُر ورج رکن ٿا، پر چيتر پنڊت جو چوڻ آهي ته ڌيوت جي پرڇائين ضروري آهي ۽ گنڌار اندولن آهي. مڌم جي مٿان نياس آهي. هن راڳڻيءَ ۾ ڪجهه سوها جي شڪل نظر اچي ٿي. هن ۾ ڪي انگ سارنگ جا به آهن. سنگيت سار امرت ۾ ٻنهي گنڌارن کي ڪار ڪندي، رکب کي ورج ڪري لکيو آهي. پر اها مڌم اڄڪلهه هلي ڪا نه ٿي. ٻئي نکادون استعمال ۾ اچن ٿيون. هن راڳڻيءَ جي تان: سا- ما ما – ري – سا- سا ري- نِا سا- گا گا گا- پا پا- نا پا- گا- ما ري- سا- نِا سا- ما ري- سا ري سا- گا گا- پا- ما ري- ما پا- ڌي ما پا- نا پا- گا- ما ري- ما ري – سا آهي. آروهي: سا ري گا ما پا نا سا ۽ امروهي: سا نا ڌي پا ما- گا ري سا آهي. وادي سُر: مڌم ۽ سموادي سُر: کرج آهن. هي راڳڻي منجھند جي وقت ڳائبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو